ترڪي ۾ ناڪام بغاوت کانپوءِ پارليامينٽ ملڪ ۾ لڳايل ايمرجنسي ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي

turkey

ترڪي ۾ ناڪام بغاوت کانپوءِ پارليامينٽ ملڪ ۾ لڳايل ايمرجنسي ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي.

ترڪي جي نائب وزيراعظم موجب ايمرجنسي 19 جنوري کان نوي ڏينهن تائين لاڳو رهندي ۽ فتح الله گولن نيٽ ورڪ ۽ سڀني دهشتگرد گروپن جي خاتمي تائين ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو هئڻ جي ضرورت آهي.

ترڪي ۾ گذريل سال 15 جولاءِ تي ناڪام بغاوت کانپوءِ 20 جولاءِ تري ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي، بغاوت جي ڪوشش دوران 2 سئو 40 کان وڌيڪ ماڻحو مارجي ويا هئا ۽  2 هزار زخمي ٿي پيا هئا.

بغاوت جي ڪوشش کانپوءِ ترڪ حڪومت امريڪا ۾ رهندڙ فتح الله گولن تي بغاوت ۾ ملوث هجڻ جو الزام مڙهڻ بعد امريڪا کان سندس حوالگي جو مطالبو ڪيو هو، جڏهن ته هزارين استادن، پوليس اهلڪارن ۽ ٻين ملازمن کي به حراست ۾ ورتو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*