سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بئنچ نئين ديري مان اغوا ٿيل نينگر ساحل ڪوريجَي جي بازيابي لاءِ پوليس کي 25 جنوري تائين مهلت ڏئي ڇڏي

sindh-high-court

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بئنچ نئين ديري مان اغوا ٿيل نينگر ساحل ڪوريجَي جي بازيابي لاءِ پوليس کي 25 جنوري تائين مهلت ڏئي ڇڏي، نينگر جي وارثن عدالت ٻاهران احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته پوليس ساحل کي بازياب ڪرائڻ بدران ٺلها دلاسا ڏئي رهي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي بئنچ ۾ نينگر ساحل ڪوريجو بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊي ايس پي يار محمد رند ۽ پراسڪيوٽر پيش ٿيا.

ڊي ايس پي يار محمد رند عدالت کي روايتي آگاهي ڏيندي چيو ته نينگر جي بازيابيءَ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، تنهنڪري وڌيڪ مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت ڪارروائي 25 جنوري تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

نينگر ساحل جي پيءُ ظهور ڪوريجو، ماءُ سبحان خاتون، ڏاڏَي عبدالغني ۽ نانَي شاهنواز ڪوريجو سميت ٻين عدالت ٻاهران پوليس خلاف احتجاج ڪيو.

نينگر جي وارثن الزام هنيو ته پوليس ساحل کي بازياب ڪرائڻ بدران ٺلها دلاسا ڏئي رهي آهي ۽ هٿ وٺي ڪيس خراب ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته ساحل ڪوريجو جي اغوا کي سوا سال گذري ويو آهي پر پوليس سندس بازيابيءَ لاءِ اڃا تائين ڪابه اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*