ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪاررواين دوران 5 مبينا ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو

Rangers-karachi-2-12

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪاررواين دوران 5 مبينا ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب گرفتار ڪيل ڏوهارين جو واسطو هڪ سياسي جماعت جي عسڪري ونگ سان آهي.

رينجرز ترجمان موجب ڪراچي جي سائيٽ، لانڍي ۽ جمشيد ٽائون ۾ ڪاررواين دوران 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا.

رينجرز ترجمان موجب گرفتار ڪيل ڏوهارين مان چئن جو تعلق هڪ سياسي جماعت جي عسڪري ونگ ۽ هڪ جو ڀتا خور گروپ سان آهي، جيڪي شهر ۾ مختلف ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث آهن.

ترجمان موجب جوابدارن کان پڇا ڳاڇا بعد کين پوليس حوالي ڪيو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*