جاتي ۾ فشر فوڪ فورم پاران ڍنڍن ۽ ڍورن جي مٺن پاڻين تي بااثرن جي قبضن ۽ ٺيڪيداري نظام خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

jati fisher

جاتي ۾ فشر فوڪ فورم پاران ڍنڍن ۽ ڍورن جي مٺن پاڻين تي بااثرن جي قبضن ۽ ٺيڪيداري نظام خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

نورمحمد ٿهيمور، مصرت مانڌريو ۽ عادل لغاري جي اڳواڻيءَ ۾ مهاڻن باغ ذوالفقار کان ريلي ڪڍي، جيڪا فاضل راهو چوڪ تي پهچڻ تي ڌرڻو هنيو ويو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڍنڍن ۽ ڍورن تي بااثر ماڻهن قبضا ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب مڇي ماري پيٽ گذر ڪندڙ مهاڻا بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته مٺن پاڻين تان بااثرن جا قبضا ختم ڪرائي مهاڻن کي پريشانين مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*