وزير اعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس کي سي پيڪ منصوبي بابت گڏيل رابطه ڪميٽي جي ڇهين گڏجاڻي بابت بريفنگ ڏني وئي، نواز شريف چيو آهي

pm

وزير اعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس کي سي پيڪ منصوبي بابت گڏيل رابطه ڪميٽي جي ڇهين گڏجاڻي بابت بريفنگ ڏني وئي، نواز شريف چيو آهي ته سيڙهپڪار پاڪستان اندر سيڙهپ ۾ وڏي دلچسپي رکي رهيا آهن.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 300 ميگا واٽ توانائي واري نئين منصوبي جي معاهدي تي صحيح ڪئي وئي آهي ۽ منصوبي تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو.

وزير اعظم ڏيڍ ارب ڊالر جي ٽرانسميشن لائين منصوبي تي عملدارن کي مبارڪون ڏنيون، معاهدي موجب لاهور کان مٽياري تائين هاءِ ٽرانسميشن لائين وڇائي ويندي.

وزير اعظم چئني صوبن جا ماس ٽرانزٽ منصوبا سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ تي گڏجاڻي ۾ شريڪ عملدارن کي واڌايون چيون.

وزير اعظم چيو ته عالمي سيڙپڪار پاڪستان اندر سيڙهپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا.

هن چيو ته سيڙهپڪارن جي دلچسپي ڪامياب حڪومتي پاليسين جو نتيجو آهي.

وزير اعظم سي پيڪ منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي به اطمينان جو اظهار ڪيو، وزير اعظم هدايت ڪئي ته صنعتي پارڪس کي بجلي، گئس ۽ مواصلاتي سهولتون فراهم ڪيون وڃن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*