ڪراچي جي ميئر وسيم اختر پاران ٻه تلوار واري علائقي جي دوري دوران گندي نالي تي قبضو ڪري پلاٽنگ ڪرڻ جو انڪشاف

waseem akhter khi

ڪراچي جي ميئر وسيم اختر پاران ٻه تلوار واري علائقي جي دوري دوران گندي نالي تي قبضو ڪري پلاٽنگ ڪرڻ جو انڪشاف، ميئر جي پهچڻ تي نالي تي قبضو ڪندڙن جي چوڪيدار دروازو ئي نه کوليو، وسيم اختر چيو آهي ته نالن تي قبضا ڪرڻ سبب برسات دوران شهر ٻڏي ويندو آهي، واٽر بورڊ شهر جو برو حال ڪري ڇڏيو آهي، نالن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا.

ميئر ڪراچي وسيم اختر ٻه تلوار جي دوري تي پهتو ته گندي نالي تي چوديواري ڏسي پڇا ڪرڻ تي کيس ٻڌايو ويو ته نالي تي ڪنهن بااثر  جو قبضو ٿيل آهي.

وسيم اختر  چوديواري ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته چوڪيدار دروازو کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

وسيم اختر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نالن تي قبضا ٿيندا ته پوءِ ڪراچي جي شهري ٻڏندا نه ته ٻيو ڇا ٿيندو، بااثر قبضاگيرن خلاف ڪارروائي ڪري قبضا ختم ڪرايا ويندا.

ڪراچي جي ميئر چيو ته واٽر بورڊ شهر جو حال خراب ڪري ڇڏيو آهي، واٽر بورڊ کي پاڻيءَ جون لائينون ٺيڪ ڪرڻ لاءِ چيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*