نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي اگهن ۾ 25 پيسا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪراچي واسي هاڻي بجلي جي في يونٽ بل لاءِ 25 پيسا وڌيڪ ادا ڪندا

NEPRA-KElectric

نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي اگهن ۾ 25 پيسا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪراچي واسي هاڻي بجلي جي في يونٽ بل لاءِ 25 پيسا وڌيڪ ادا ڪندا.

 نيپرا سموري ملڪ کانپوءِ ڪراچي اليڪٽرڪ جي بجلي اگهن ۾ به واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ 25 پئسا واڌ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي.

ڪي اليڪترڪ جي بجلي اگهن ۾ واڌ بعد ڪراچي جا شهري هاڻي بجلي جي في يونٽ بل لاءِ 25 پئسا ويڌڪ ادا ڪندا.

نيپرا ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي کانسواءِ سموري ملڪ ۾ بجلي اگهن ۾ به واڌ جي منظوري ڏني هئي.

ڪراچي واسين بجلي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو آهي ته بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم هجڻ باوجود اگهن ۾ واڌ ڪرڻ عوام مٿان بجلي ڪيرائڻ جي برابر آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*