اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته گهرو وزير چوڌري نثار ڪوئٽيا سانحي جي ڪميشن رپورٽ کي چيلينج ڪيو ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا

khursheed shah isb

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته گهرو وزير چوڌري نثار ڪوئٽيا سانحي جي ڪميشن رپورٽ کي چيلينج ڪيو ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سپريم ڪورٽ تي وڏي ذميواري لاڳو ٿي وئي آهي، ڏسجي ته اُها ان مان ڪيئن بري ٿي ٿئي!

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف ٻڌائي ته هو ڇو ڪمزور آهي؟

هن چيو ته نواز شريف جي سعودي عرب ۽ ايران جي دورن جو مقصد ڪهڙو هو؟

خورشيد شاهه چيو ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سپريم ڪورٽ تي وڏي ذميواري لاڳو ٿي وئي آهي.

هن چيو ته پرڏيهي قرضن ۽ مفادن واري سياست ملڪ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، شهيد ڀٽو به عوامي طاقت ۽ جمهوريت سان ملڪ کي مضبوط ڪيو هو، هاڻي وارا حڪمران به چاهين ته ايئن ٿي سگهي ٿو پر اُهي نه ٿا چاهين!

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*