ڊارڪ از ڊوائين

ڊ ا رڪ  ا ز  ڊ وا ئين

ارم گل

دنيا ۾ رنگ جي بنياد تي انسانن ۾ فرق پيدا  ڪرڻ وارو مسئلو عام هلي رهيو آهي . ان جو زنده مثال نيلسن منڊيلا جي زندگيءِ آهي جنهن پهنجي زندگي ۾ ئي گهري رنگ وارن ماڻهن کي انساني حقن کان نه صرف آگاهه ڪيو  پر کين حقن ڏيارڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اڄ دنيا نيلسن منڊيلا کي رنگ جي بنياد تي نه بلڪه عمل جي بنياد تي زنده رکيو آهي .پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ به نسل پرستي ۽ رنگ جي بنياد تي فرق ڪرڻ واري مسئلي جو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي اڄ به جنهن جو رنگ گهرو يا سانورو آهي ان کي تعيب دار ۽ گهٽ سمجهو  ويندو آهي ۽ جنهن جو رنگ صاف ۽ اڇو آهي ان کي  دنيا جو حسين ۽ خوش قسمت سمجهو ٿو وڃي پر اهڙي سوچ رکڻ وارن ماڻهن کان هڪ سوال آهي ته اڇي رنگ وارو وڌيڪ ۽ گهري يا سانوري رنگ وارو گهٽ ڇو آهي ؟ انسان اهو احسان فراموش جانور آهي جيڪو پنهنجي خلقيندڙ تي ئي ايترا سوال اٿاريندو آهي ته پوءِ  هڪ انسان  ٻي انسان کي ڪيئن ٿو بخشي سگهي؟  غيرشعورمند سماجن ۾ بيمار ذهنيت وارا ماڻهو هر شيءِ ۾  فرق پيدا ڪري پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيندا آهن .۽  بدقسمتي سان اسان به هڪ اهڙي ئي  معاشري  جو حصو آهيون . جٿي اڪثر ڪري اڇي رنگ وارن ماڻهن کي اوليت ڏني ويندي آهي ڀلي پوءِ اهو گهر ۾ رهندڙ ٻن اڇن ڀاءَ ڀيڻ ۾ هڪ گهري رنگ وارو هجي يا دوستن جو ڪو گروپ هجي .ان گهري رنگ واري انسان کي گهٽ فوقيت  ملندي آهي . ۽ هاڻي ته وڌيڪ بگار اڇي رنگ ڪرڻ وارين ڪريمن ڪيو آهي جنهن سبب گهري يا سانوري رنگ وارا ماڻهو وڏي ذهني دٻاءُ ۾ مبتلا ٿين ٿا.ڇاڪاڻ ته معاشي بحران سبب مڊل ڪلاس جي ماڻهن جي انهن تائين  رسائي ممڪن نه هجي ٿي.ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا به ان ڪامپليڪس کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ڇو ته اتان ئي ڀيٽ ڪر ڻ جي شروعات ٿي رهي آهي .۽ هن مسئلي کان عورتون خاص طور تي نوجوان ڇوڪريون ته وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهن جنهن جي نتيجي ۾ هو پنهنجي اندر مان خوداعتمادي ختم ڪري ڇڏين ٿيون ۽ اهڙي ناڪاري سوچن ۽ ڏوهن کي جنم ڏين ٿيون جن جو ڪو مثال ناهي.جيئن ؛ گهري رنگت وارين ڇوڪرين لاءِ سٺا رشتا ناهن ايندا ، ۽ گهڻي قدر ته انهن کي ڏکيا لفظ ٻڌڻ لاءِ ملندا آهن  ۽ ڪيترائي ئي رشتا رنگ جي بنياد تي کين ٺڪرائي ويندا آهن تنهن کانسواءِ نئين ڪريمن ۽ جديد تجربن جي ذريعي هو پنهنجي چهري جو مزاق بڻائينديون آهن ۽ احساسي ڪمتري جو شڪار بڻجي زندگي مان مايوس ٿي وينديون آهن . جڏهن ته چوندا آهن ته مايوسي ڪفر آهي .عام طرح اهو چيو ويندو آهي ته اهڙي سوچ جاهلن جي هوندي آهي پڙهيل لکيل ماڻهو ائين ناهن سوچيندا.بلڪل ؛  ائين ئي آهي . پر هر پڙهيل لکيل شخص  جي اها سوچ ناهي هوندي .  ڇو ته اڻ پڙهيل ماڻهن  کي ته ڪنهن ڳالهه جو شعور ئي ناهي هوندو . جڏهن ته  اڄڪلهه جا پڙهيل لکيل باشعور فرد ان فرق کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ هو پنهنجي  پڙهائي صرف نوڪري ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي حد تائين تعليم جو استعمال ڪن ٿا جڏهن ته  انساني سوچ کي بهتر ڪرڻ ۾ تعليم جو گهٽ ڪردار آهي حالانڪ رنگ جي بنياد تي فرق ڪرڻ انساني حقن جي لتاڙ ڪرڻ آهي.رنگ قدرت جي ڏنل هڪ نعمت مان آهي جنهن کي جيڪو نوازي پوءِ ان جو ذميوار  ڪنهن ٻي انسان کي بڻائي سزا ڏيڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي؟ ۽ نه صرف ان فرق سان گهري يا سانوري رنگ وارا ماڻهو متاثر ٿين ٿا بلڪه اڇي ۽ صاف رنگ وارا ماڻهو به ساڳي ئي زهني بيماري ۾ ڦاسي پون ٿا جيئن انهن ۾ غرور .وڏائي پيدا ٿي ويندي آهي ۽ پاڻ کي وڌيڪ ٺاهڻ کي چڪر ۾ انسانيت ۽ اخلاقيات کان پري ٿي ويندا آهن . بس اها ننڍڙي ڳالهه سمجهائڻ لاءِ اسلام آباد ۾ “ڊارڪ  از  ڊوائين ” جي نالي هڪ تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي جنهن جو مقصد  پاڪستان سميت پوري ايشيا ۾ هڪ مثبت ذهنن کي جنم ڏيڻ آهي . . اهي مرد ۽ عورتون جيڪي گهري يا سانوري رنگ جا هوندي پاڻ کي گهٽ يا پاڻ ۾ اها ڪمي محسوس ڪن ٿا انهن کي اهو سمجهائن آهي ته خوبصورتي گهري سانوري يا اڇي رنگ سان ناهي هوندي بلڪ همت ، حوصلي ۽ خوداعتمادي سان هوندي آهي .رنگ جي بنياد تي انسانن ۾ فرق  پيدا ڪرڻ  هڪ زهني بيماري آهي جيڪا انسان کي اندر ئي اندر م کوکلو ڪري ٿي ڇڏي . هن مهم جو مقصد ماڻهن کي اهو سمجهائڻ آهي ته صرف چمڙي جي خوبصورتي جي چڪر ۾ پنهنجي اصل خوبصورتي کي نه وڃايو . هن مهم جو مقصد اها دعوي ڪرڻ  آهي ته سماج ۾ هر انسان کي هڪجهڙا موقعا ۽ رويا ڏنا وڃن .هن مهم جي ضرورت ان ڪري محسوس  ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته روز اسان جي سماج ۾ انيڪ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بهترين موقعن ۽ ملازمت کان محروم رهن ٿا ايتري قدر جو کين امتيازي رويو به نٿو ڏنو وڃي مٿان هر پاسي کان مايوسي ۽ ٺڪرائڻ جي سبب ذهني بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا.۽ سٺن رشتن ۽ موقعن جي انتظار ۾ پنهنجو عقل ۽ فهم وڃائي ويهن ٿا.۽ جنهن جي نتيجي ۾ هو آسمان ڏانهن نهارڻ ئي ڇڏي ٿا ڏين . جڏهن ته زمين تي رهندڙ هر انسان جو اهو بنيادي حق آهي ته هو آسمان کي ڏسي ۽ ان تائين پهچڻ لاءِ اڇي رنگ جو نه بلڪه بهترين ڪارگردگي ۽ سخت محنت ڏانهن راغب ٿئي .مان ڊارڪ از ڊوائين جي ان قدم کي ساراهيندي پنهنجي عوام کي اهو پيغام ڏيندس ته خوبصورت چهرو ٺاهڻ اڄڪلهه جي جديد دور ڪو مشڪل ڪم ناهي پر مشڪل آهي ته پاڻ ۾ انسانيت ۽ هڪجهڙائي قائم ڪرڻ . هڪ صحتمند معاشرو قائم ڪرڻ ڇاڪاڻ ته سائنس به ان معاملي ۾ پوئتي آهي. ڇو ته انسانيت کي انسان ئي قائم ۽ دائم رکي سگهن ٿا. قدرت مختلف رنگ ان لاءِ ناهن ٺاهيا ته انسان پاڻ ۾ فرق پيدا ڪري هڪ ٻئي کي گهٽ سمجهن بلڪه قدرت مختلف رنگ ان لاءِ ٺاهيا آهن ته جيئن انسان قدرت جي هر پيدا ڪيل شيءِ کي قبول ڪري ۽ خوش رهي .اسان سڀني کي هن اهم نقطي تي نه صرف سوچڻ گهرجي پر عملي قدم کڻي هن مهم جو حصو بڻجڻ گهرجي

Shahzadi072000@yahoo.com

Comments

  1. erum
    erum 21 January, 2015, 09:10

    hin article khe parhan kha poe mhnje khyal ma manhu khe eha galh smjh ma ache wendi ta rang kah je zindgi thahe ya bigary natho saghe….

    Reply this comment

Write a Comment

Click here to cancel reply.

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*