ڀان سيد آباد ۾ بااثرن پاران مبينا طور گهر تي قبضي جي ڪوشش خلاف هندو برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

bhan

ڀان سيد آباد ۾ بااثرن پاران مبينا طور گهر تي قبضي جي ڪوشش خلاف هندو برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

غفور شاهه محلي جي رهواسڻ عورت ۽ پشپا ٻائي معصوم ٻارڙن سان گڏ پريس ڪلب آڏو ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو.

عورت جو چوڻ هو ته بااثر ماڻهو سندن ذاتي گهر تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن ڪري گهر تي چڙهائيون ڪري کيس حراسان ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته پوليس به بااثر ماڻهن جي ساٿاري بڻيل آهي، جنهن ڪري کين انصاف نه ملي سگهيو آهي.

هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*