وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي چونڊ تڪ ڀان سيد آباد ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

bhan sup

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي چونڊ تڪ ڀان سيد آباد ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

شهرين درياهه خان لغاري، اصغر سولنگي، آزاد غفور نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ڀان سيدآباد شهر توڙي ٻهراڙين ۾ روزانو 20 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪا عوام سان نا انصافي آهي.

هنن چيو ته ڳرا بل ادا ڪرڻ باوجود لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي، بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڀان سيد آباد شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*