فلم سائلينس جي ريڊ ڪارپيٽ تي فلم جي هيرو مارٽن اسڪورسس سميت فلم جي سموري ڪاسٽ شرڪت ڪئي

flim slience premier

فلم سائلينس جي ريڊ ڪارپيٽ تي فلم جي هيرو مارٽن اسڪورسس سميت فلم جي سموري ڪاسٽ شرڪت ڪئي،  امريڪا ۾ 23 ڊسمبر کان فلم جي ڪامياب نمائش جاري آهي.

ادڪار اينڊريو گارفيلڊ فلم ۾ پورچوگالي پادري جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ کيس فلم ۾ پنهنجي ڊرائيور ايڊم سان گڏ جاپان ياترا تي ويندي ڏيکاريو ويو آهي.

فلم سائلينس جيڪا هڪ ناول تي ٻڌل آهي، اُن ۾ مختلف اهڙن نظرين کي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪي تشدد کان پري هوندي به پنهنجو وجود برقرار رکندا پيا اچن.

ٻه ڪلاڪ 45 منٽ طويل فلم جي 23 ڊسمبر کان امريڪي سينما گهرن ۾ نمائش جاري آهي، جلد فلم کي عالمي سطح تي رليز ڪيو ويندو.

فلم گولڊن گلوب توڙي اسڪرين ايڪٽرس گلڊ ايوارڊز 2017 لاءِ نامزدگي نه ماڻي سگهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*