سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني پي ٽي آءِ جي 4 ميمبرز جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر پي ٽي آءِ جي 4 ميمبرز جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون، اسپيڪر آغا سراج دراني جو چوڻ آهي ته ميمبرز جون استيعفائون اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيون وينديون.

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر پي ٽي آءِ جي ثمر علي خان، خرم شيرالزمان، ڊاڪٽر سيما ضياءَ ۽ حفيظ الدين جي استعفيٰ منظور ڪري ورتي.

اسپيڪر آغا سراج دراني جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي ميمبرز سيپٽمبر ۾ استعفائون ڏنيون هيون، انتظار ڪرڻ باجود ميمبرز اسيمبلي ۾ نه آيا جنهن ڪري مجبورن سندن استيفائون منظور ڪيون ويون.

آغا سراج دراني چيو ته پي ٽي آءِ جا ميمبر هاڻ اسيمبلي جا ميمبرز نه رهيا آهن، سندن استيعفائون اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*