ڀارت ۾ به نارين جو تهمت هيٺ قتل معمول بڻيل آهي، ڀارتي شهر روهتڪ ۾ والدين جي مرضيءَ جي ابتڙ شادي ڪندڙ ناري مارجي وئي آهي

india hounor killing

ڀارت ۾ به نارين جو تهمت هيٺ قتل معمول بڻيل آهي، ڀارتي شهر روهتڪ ۾ والدين جي مرضيءَ جي ابتڙ شادي ڪندڙ ناري مارجي وئي آهي.

مقامي ميڊيا موجب ناري پنهنجي پيءُ هٿان قتل ٿي جڏهن ته سندس لاش جي تذليل جي به ڪوشش ڪئي وئي.

رپورٽس موجب جوڙي والدين جي مرضيءَ خلاف شادي ڪئي ۽ اُهي ناريءَ جي والدين جي گهر ويجهو رهندڙ هئا ته ناري قتل ٿي وئي.

ناريءَ جي مڙس جو چوڻ آهي ته سندس گهر واري پنهنجي والدين کي پنهنجي شاديءَ جو ٻڌائڻ سندن گهر ويل هئي.

خميس جي صبح جو کيس ٻڌايو ويو ته سندس گهر واري آپگهات ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس اگني سنگسڪار ڪيو پيو وڃي، جنهن تي هُن پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن موقعي تي پهچي ناري جو لاش هٿ ڪيو.

مرد جو چوڻ آهي ته سندس گذارش تي پوليس ناريءَ جي لاش کي مساڻ تان هٽرايو ۽ جاچ شروع ڪئي وئي.

روهتڪ جي ڊي ايس پي پشپا کتري چيو آهي ته مقتول جي مڙس کين ٻڌايو آهي ته سندس گهر واري کي اُن جي والدين قتل ڪيو آهي…………………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*