ڪراچي احتساب ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم جي پيش نه ٿيڻ س ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

Dr-Asim-10916

ڪراچي احتساب ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم جي پيش نه ٿيڻ س ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت جيل انتطاميه پاران داڪٽر عاصم جي بيماري بابت پيش ڪيل رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي ڊاڪٽر عاصم کي صبح جو ساڍا 8 وڳي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب رپين جي ڪپرشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

جيل انتظاميه عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته داڪٽر عاصم جي طبيعت خراب هجڻ سبب کيس پيش نه ٿو ڪري سگهجي.

عدالت جيل انتظاميه کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڊاڪٽر عاصم کي صبح جو ساڍي اٺين بجي پيش ڪندا ڪيو ۽ جيڪڏهن ڪا رپورٽ به پيش ڪرڻي آهي ته اها به ساڍي اٺين بجي پيش ڪئي وڃي.

وڪيل به  عدالت کي ڊاڪٽر عاصم جي طبيعت خراب هجڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 7 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*