ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم، ايم پي اَي ڪامران فاروقي خلاف پوليس پاران پيش ڪيل چالان منظور ڪري ورتو

ATC-Karachi-171016

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم، ايم پي اَي ڪامران فاروقي خلاف پوليس پاران پيش ڪيل چالان منظور ڪري ورتو، چالان ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار جاچ دوران قتل جي وارداتن سميت 12 مئي سانحي ۽ لياري ۾ محبت سنڌ ريلي تي حملي ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

نبي بخش ٿاڻي جي پوليس ايم ڪيو ايم اسيمبلي ميمبر ڪامران فاروقي خلاف هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جو اي ٽي سيز جي انتظامي جج آڏو چالان پيش ڪيو، جيڪو عدالت منظور ڪندي اي ٽي سِي 9 ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.

چالان جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار کان گرفتاري دوران نائن ايم ايم پسٽل، هينڊ گرنيڊ بم ۽ ڊيٽونيٽر هٿ ڪيا ويا.

چالان جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدار جاچ دوران  قتل جي وارداتن سميت 12 مئي سانحي ۽ لياري ۾ محبت سنڌ ريلي تي حملي ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

پوليس چالان جي متن ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪامران فاروقي کان چوري جي موٽر سائيڪل به هٿ آئي هئي، جيڪا نومبر 2015ع گارڊن واري علائقي مان چوري ٿي وئي هئي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*