وڏي وزيرمراد علي شاهه ترقياتي ڪمن لاءِ اي سي ايس ڊويزن جي سربراهي ۾ 6 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

Cm-Murad-Ali-Shah-121216

وڏي وزيرمراد علي شاهه ترقياتي ڪمن لاءِ اي سي ايس ڊويزن جي سربراهي ۾  6 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، سنڌ ۾ 513 ترقياتي اسڪيمن مان 348 تي ڪم جاري جاري آهي، اسڪيمن تي 14 ارب خرچ ايندو.

سنڌ جي وڏي وزير  مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو اجلاس ٿيو.

اجلاس دوران وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته سنڌ ۾ 513 ترقياتي اسڪيمن مان 348 تي ڪم جاري آهي، جن تي 14 ارب رپيا خرچ ايندو.

 وڏي وزير کي هلندڙ سال ڊسمبر تائين 26 ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي، اسڪيمن لاءِ 10 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن،جڏهن ته  ڪل خرچ 50.7 ارب رپيا ٿيندو.

وڏي وزيرمراد علي شاهه ترقياتي ڪمن لاءِ اي سي ايس ڊويزن جي سربراهي ۾  6 رڪني ڪميٽي قائم ڪندي ترقياتي ڪم وقت سر مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*