چين جي صوبي هنان ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر گئس ڀرجڻ سبب ٿيل ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي

china

چين جي صوبي هنان ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر گئس ڀرجڻ سبب ٿيل ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي.

ڪوئلي جي کاڻ ۾ اربع جي شام جو پنجين وڳي ڌماڪو ٿيو، جنهن کانپوءِ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون.

هيل تائين ڌماڪي جي نتيجي ۾ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 12 ٿي وڃڻ جي چيني اختيارين تصديق ڪري ڇڏي آهي.

گذريل ڏينهن تائين چين جي اختيارين ڌماڪي جي نتيجي ۾ پنج ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي پر اڄ پنج وڌيڪ 7 لاش هٿ اچڻ تي حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي.

اختيارين موجب ڌماڪي وقت کاڻ ۾ 51 پورهيت موجود هئا، جن مان 39 ڄڻا ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*