ڪراچي جي شهرين جا ڏک ڏور ٿيڻ وارا آهن، شهر مان ڪچرو کڻڻ لاءِ چائنيز مشينري بندرگاهه تي پهچي وئي

cm meet

ڪراچي جي شهرين جا ڏک ڏور ٿيڻ وارا آهن، شهر مان ڪچرو کڻڻ لاءِ چائنيز مشينري بندرگاهه تي پهچي وئي، پهرين مرحلي ۾ ڪراچي جي ڏکڻ ۽ اوڀر ضلعن مان ڪچرو کنيو ويندو، پهتل مشنيري ۾ 277 گاڏيون، ٻهارو ڏيڻ ۽ وڻن کي ڦوهارو ڪرڻ واريون گاڏيون به شامل آهن، وڏي وزير ٽن هفتن اندر صفائي سٿرائي جو عمل شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

مڪاني ادارن واري کاتي ڪراچي شهر جي صفائي لاءِ هڪ بهتر قدم  کنيو آهي، جنهن تحت شهر مان گند ڪچرو کڻڻ لاءِ چائنيز ڪمپني سان ڪيل معاهدي تحت چائنيز مشنيري ڪراچي بندرگاهه پهچي وئي آهي.

مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري کيس آگاهي ڏني ته ڪراچي مان ڪچرو کڻڻ لاءِ 277 گاڏيون، وڏي انگ ۾ ڊسٽ بن، روڊ رستن تي ٻهارو ڏيڻ ۽ وڻن کي ڦوهارو ڪرڻ واريون گاڏيون بندرگاهه تي پهچي ويون آهن.

ڄام خان شوري چيو ته چائنيز مشنيري پهرين مرحلي ۾ ڪراچي جي ڏکڻ ۽ اوڀر ضلعن مان گند ڪچرو کڻنديون.

وڏي وزير مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري وزير کي شهر ۾ صفائي وارو ڪم جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*