ٺارو شاهه ويجهو 6 ڏينهن اڳ مبينا طور باهه ڏئي ساڙي ماريل نينگر جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو

tharo shah

ٺارو شاهه ويجهو 6 ڏينهن اڳ مبينا طور باهه ڏئي ساڙي ماريل نينگر جي وارثن  قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس واقعي کي اتفاقي قرار ڏئي قاتلن کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي، واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

ڳوٺ مٺا خان پنهور ۾ جوابدارن پاران مبينا طور پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي ماريل نينگر عبدالقيوم پنهور جي وارثن لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

نينگر جي  پيءِ عبدالڪريم پنهور جو چوڻ هو ته جوابدارن نينگر کي باهه ڏئي ساڙي ماريو آهي، پر ايس ايس پي نوشهروفيروز واقعي کي اتفاقي قرار ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته پوليس قاتلن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ واقعو اتفاقي قرار  ڏئي رهي آهي ۽ هيل تائين ڪيس به داخل ناهي ڪيو ويو.

هن مطالبو ڪيو ته نينگر کي باهه ڏئي ساڙي ماريندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*