ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف آل پارٽيز الائينس طرفان بک هڙتال ڪئي وئي

kotri-map

ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف آل پارٽيز الائينس طرفان بک هڙتال ڪئي وئي.

شبير مگسي، شوڪت خاصخيلي، ممتاز ڳورڙ ۽ اقبال ڪوريجَي سميت ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڀٽائي چوڪ تي علامتي بک هڙتال جاري رکي وئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سائيٽ واري علائقي ۾ 8 کان وڌيڪ ڪالونين ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي نٿو پهچي، جنهن ڪري رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چتاءُ ڏنو ته سائيٽ جي رهواسين کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي نه ڪئي وئي ته احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*