قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته 2018ع جي بجيٽ جي تياري لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو

ayaz-sadiq

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته 2018ع جي بجيٽ جي تياري لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو،  40 ڏينهن اسيمبلي نه ايندڙ ميمبر ڊي سيٽ ٿي وڃي ٿو پر مون چونڊيل نمائندن خلاف ڪارروائي نه ڪئي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته بزنس ايڊوائيزري ۽ پارلياماني اڳواڻن سان مشاورت کانپوءِ اجلاس هلايان ٿو.

قانون تحت 40 ڏينهن اسيمبلي نه ايندڙ ميمبر ڊي سيٽ ٿي وڃي ٿو پر مون عوام جي چونڊيل نمائندن خلاف قانون استعمال نه ڪيو.

سردار اياز صادق چيو ته پيپلز پارٽي اسيمبلي ۾ ڊي ريلمنٽ جي ڳالهه نه ڪئي پر مسئلن تي ڳالهايو، جڏهن ته 2018ع جي بجيٽ بابت حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجي ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو.

اسپيڪر سردار اياز صادق جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجي طئي ڪرڻو پوندو ته جون 2018ع جي بجيٽ موجوده حڪومت ٺاهيندي يا ايندڙ حڪومت تيار ڪندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*