ڪراچي جي عدالت، ريجنٽ پلازه هوٽل کي باهه لڳڻ واري ڪيس ۾ هوٽل مالڪ ۽ ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 21 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي

regent plaza report

ڪراچي جي عدالت، ريجنٽ پلازه هوٽل کي باهه لڳڻ واري ڪيس ۾ هوٽل مالڪ ۽ ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 21 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي،  پوليس عبوري چالان جمع ڪرائيندي واقعي جو ذميوار هوٽل انتظاميا کي قرار ڏنو، جڏهن ته ڊاڪٽر رحيم سولنگي ۽ ٻين فوتين جي وارثن ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

ڪراچي جي عدالت ۾ رينجٽ پلازه وٽ ٿري اسٽار هوٽل کي باهه لڳڻ سبب 12 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دروان هوٽل مالڪ سميت ٻين نامزد جوابدارن جي وڪيل سندن موئڪلن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ واري درخواست داخل ڪرائي.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس موئڪل جاچ ۾ مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهن، سندن عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي وڃي.

عدالت درخواست منظور ڪندي هوٽل مالڪ سميت ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 21 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي.

پوليس 5 جوابدارن خلاف عبوري چالان جمع ڪرايو، جنهن ۾ واقعي جو ذميوار هوٽل انتظاميا کي قرار ڏنو ويو آهي.

پوليس چالان جي متن ۾ چيو ته ريجنٽ پلازه واقعي ۾ 13 گواهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي.

ڊاڪٽر رحيم سولنگي سميت ٻين فوتين وارثن ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته هي واقعو هوٽل انتظاميا جي نااهلي جو ثبوت آهي.

درخواست ۾ اهو به ڄاڻايو ويو ته هوٽل انتظاميا جي غفلت سبب سندن پيارا سڙي فوت ٿيا، هو ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ چاهين ٿا، تنهنڪري سندن درخواست منظور ڪئي وڃي.

واضح رهي ته ريجنٽ پلازه هوٽل ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ڊي ايڇ اوز سميت 12 ڄڻا سڙي فوت ٿيا هئا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*