گولاڙچي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائله رند جي موت واري واقعي جي شفاف جاچ لاءِ جسقم (آريسر) گروپ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

golarchi

گولاڙچي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائله رند جي موت واري واقعي جي شفاف جاچ لاءِ جسقم (آريسر) گروپ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور، اسلم آزاد ۽ محفوظ سنڌي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته نائله رند بابت پوليس جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي، اهو سراسر غلط آهي جنهن کي هـــُو رد ڪن ٿا.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته نائله رند جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*