سکر ۾ اپينڊڪس جو 3 ڀيرا آپريشن ٿيڻ باوجود نوجوان کي ساڳيو ئي آپريشن ڪرائڻ لاءِ ٻيهر سول اسپتال داخل ڪيو ويو آهي

suk hospital

سکر ۾ اپينڊڪس جو 3 ڀيرا آپريشن ٿيڻ باوجود نوجوان کي ساڳيو ئي آپريشن ڪرائڻ لاءِ ٻيهر سول اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرز پاران غلط آپريشن ڪرڻ سبب نوجوان جي حياتي خطري ۾ پئجي وئي آهي.

سائٽ ايريا جي رهواسي نوجوان نثار احمد شيخ جو هڪ سال اندر مسلسل 3 ڀيرا اپينڊڪس جو آپريشن ٿيڻ بعد  کيس ٻيهر ساڳيو آپريشن ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال آندو ويو آهي.

والده بختاور ۽ ڀاءُ سينگار علي شيخ جو چوڻ آهي ته نوجوان جو هڪ سال سول اسپتال مان اپينڊڪس آپريشن ڪرايو ويو، جيڪو درست نه هئڻ ڪري ٻيهر خانگي اسپتال مان آپريشن ڪرايو.

هنن چيو ته خانڳي استپال مان به درست نموني آپريشن نه ٿيڻ ڪري ڪجهه عرصو اڳ ٽيون ڀيرو ٻيهر سول اسپتال مان آپريشن ڪرايو پر ان باوجود نوجوان کي ٽيون ڀيرو آپريشن ڪرائڻ لاءِ کيس داخل ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته نوجوان جو درست نموني آپريشن ڪري سندس حياتي بچائي وڃي.

ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته انفيڪشن هئڻ ڪري نوجوان جو آپريشن اٿلي رهيو آهي، سندس مڪمل علاج لاءِ ڊاڪٽرز تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*