سکر ۾ زرعي زمين تي ميبنا قبضي خلاف سومرا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

suk

سکر ۾ زرعي زمين تي ميبنا قبضي خلاف سومرا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڳوٺ ڪوڙو خان سومرو جي رهواسين الطاف سومرو، محمد هاشم، الاهي بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هنن چيو ته سومرا برادري جي بااثر ماڻهن  سندن زرعي زمين تي قبضو ڪري کين بي دخل ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته جوابدارن زمين تي ڪم ڪندڙ ڇهن ماڻهن کي تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي اسپتال داخل آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*