تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته پاناماليڪس ڪيس دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي

Naeem-Ul-Haq-161116

تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته پاناماليڪس ڪيس دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽   8 مهينن کان قوم کي گمراهه ڪندڙ نواز شريف اڄ عدالتي دٻاءُ مان نڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي.

نعيم الحق پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قوم ڄاڻي ٿي ته نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب ڪرپشن ۾ ملوث آهي ،نواز شريف وڪيل مٽائڻ ۽ دير جا هربا استعمال ڪري معاملي کي اينگهائي احتساب کان نٿو بچي سگهي.

پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته فوجي عدالتن بابت حڪومت جي حڪمت عملي جا منتظر آهيون، حساس ۽ قومي اهميت جي معاملن تي حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر نه رهي آهي.

هن چيو ته فوجي عدالتن بابت پي ٽي آءِ جو موقف ساڳيو آهي، جيڪو وقت اچڻ تي ٻڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*