سکر بئراج جي صفائي ۽ مرمت وارو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري ظهير احمد شاهه

سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن جو صفائي ۽ مرمت جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، اڄ رات 12 وڳي بئراج جا درواز مٿي ڪيا ويندا.

سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن جو 20 ڏينهن کان صفائي ۽ مرمت جو ڪم هلي رهيو هو، جيڪو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ اڄ رات 12 وڳي سکر بئراج جا درواز مٿي ڪيا ويندا، جنهن بعد پاڻي جي وارا بندي ختم ٿي ويندي.

آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظهير احمد شاهه سکر بئراج جو صفائي ۽ مرمت وارو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد بئراج جو دورو ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهيائيندي ظهير احمد شاهه چيو ته بئراج جو صفائي، مرمت ۽ واري ڪڍڻ وارو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي ۽ رات گڊو کان سکر بئراج ڏانهن پاڻي ڇڏيو ويندو.

هن چيو ته سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن جي صفائي ۽ مرمتي ڪم ۾ 70 لک رپين خرچ ٿيا آهن ۽ ڪم 20 ڏينهن تائين جاري رهيو.

ظهير احمد شاهه چيو ته سکر بئراج ۾ پاڻي ڇڏڻ کانپوءِ سکر ۽ روهڙي شهر ۾ پئيڻ جي پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*