سنڌ هاءِ ڪورٽ سپر ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل مان خارج نه ڪرڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

sindh-high-court

سنڌ هاءِ ڪورٽ سپر ماڊل ايان علي جو  نالو اي سي ايل مان خارج نه ڪرڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ريفري جج پاران محفوظ ڪيل فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران مقرر ڪيل ريفري جج نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل بينچ ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل مان خارج نه ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

ايان علي جي وڪيل لطيف کوسا دليل ڏيندي چيو ته ايان علي کي ڄاڻي واڻي مني لانڊرنگ ۾ ڦاسايو ويو.

وڪيل چيو ته ڪسٽم آفيسر جي قتل بعد الزام ايان علي تي لڳائي سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو، ايان علي هڪ سپر ماڊل آهي هن کي ڪهڙي خبر ته سياست ڇا هوندي آهي.

وڪيل لطيف کوسا سوال ڪيو ته ڇا ايان علي جو ڪيس مشرف کان به وڏو آهي جو سندس نالو اي سي ايل مان خارج نه ٿو ڪيو وڃي؟

ايان علي جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته انصاف جون گهرجون پوريون ڪري سندس مئوڪل جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو وڦي.

ريفري جج نعمت الله ڦلپوٽو ايان علي جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو سڀاڻي ٻڌايو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*