نيب زيبسٽ يونيورسٽي لاءَ سستي اگهه ۾ زمين خريد ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو

Sindh-High-Court-171016

نيب زيبسٽ يونيورسٽي لاءَ سستي اگهه ۾ زمين خريد ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو، زيبسٽ جي سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏني ته زيبسٽ خريد ڪيل زمين واپس ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زيبسٽ يونيورسٽي لاءِ سرڪاري زمين سستي اگهه تي خريد ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

نيب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرائيندي چيو ته 5 ايڪڙ سرڪاري زمين رڳو 39 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪئي وئي.

زيبسٽ جي سيڪريٽري سليمان شيخ عدالت ۾ پيش ٿي آگاهي ڏني ته زيبسٽ زمين تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ خريد ڪئي هئي پر هاڻي اها زمين سرڪار کي واپس ڪئي وئي آهي.

 عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*