وفاق ۽ صوبن کي ايڪشن پلان تي گڏجي عمل ڪرڻو پوندو وزيراعظم نواز شريف

وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي جائزي لاءِ اهم اجلاس ٿيو آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي عمل ڪرڻو پوندو، دهشتگدري جي پاڙ پٽڻ لاءِ سموري قيادت پرعزم آهي.

جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ، پوليس ۽ رينجرز عملدار شرڪت ڪندا، سنڌ جي وڏي وزير کي ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏيڻ لاءِ خاص طور طلب ڪيو ويو آهي.

وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي جائزوي لاءِ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير، آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته  اجلاس جو مقصد قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي، قوي ايڪشن پالن تي عملدرآمد ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي.

نواز شريف چيو ته قومي ايڪشن پلان نون ليگ جو نه پر سمورين سياسي جماعتن جي اتفاق سان جوڙيون ويو آهي، وفاق ۽ صوبن کي ايڪشن پلان تي گڏجي عمل ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته اجلاس ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت جي موجودگي ۾ فوجي عدالتن ۾ هلندڙ ڪيس جو جائزو ورتو ويو، جنهن تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته پشاور سانحي کانپوءِ سمورين جماعتن ايڪشن پلان تي اتفاق ڪري پنهنجون پنهنجون سفارشون اماڻيون ويون، صوبن کي هٿ هٿن ۾ ڏئي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سرڪار مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ تيار آهي، جنهن لاءِ لاڳاپيل ادارن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*