ميوزيڪل ڪاميڊي فلم “لا لا لينڊ” بهترين ميوزيڪل ۽ ڪاميڊي فلم سميت 7 ايوارڊ ماڻي گولڊن گلوب ايوارڊز جي نئين تاريخ رقم ڪري ورتي

AWARDS-GOLDEN-GLOBES-COMEDY-9012017

ميوزيڪل ڪاميڊي فلم “لا لا لينڊ” بهترين ميوزيڪل ۽ ڪاميڊي فلم سميت 7 ايوارڊ ماڻي گولڊن گلوب ايوارڊز جي نئين تاريخ رقم ڪري ورتي آهي.

بيورلي هلز ۾ ٿيل تقريب دوران “لا لا لينڊ” کي بهترين ڪاميڊي يا ميوزيڪل فلم سان گڏ فلم جي هيرو ريان گوسلنگ ۽ هيروئن ايما اسٽون کي بهترين ڪاميڊي يا ميوزيڪل اداڪار ۽ اداڪاره جا ايوارڊ ڏنا ويا، جڏهن ته فلم تي ڊيمين چيزيل کي بهترين ڊائريڪٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو.

هالي ووڊ ۾ ڪيريئر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندڙ اداڪاره ۽ پيانسٽ وچ ۾ پيار ڪهاڻي تي ٻڌل “لا لا لينڊ” کي بهترين اسڪرين پلي، بهترين اسڪور ۽ اوريجنل سانگ جا گولڊن گلوب ايوارڊ به ڏنا ويا.

ان هوندي به بهترين فلم جو ايوارڊ “مون لائيٽ” جي حصي ۾ آيو، جڏهن ته بهترين اداڪار جو ايوارڊ ڪيسي ايفليڪ کي فلم “مانچسٽر باءِ دا سي” تي ڏنو ويو، جڏهن ته ازابيل هوپرٽ بهترين اداڪاره جو ايوارڊ ماڻيو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*