سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي کي تسليم نه ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران يونيورسٽي انتظاميه کي ڪم جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي

Sindh-High-Court-181016

سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي کي تسليم نه ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران يونيورسٽي انتظاميه کي ڪم جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شاگردن جو سال ضايع ٿيڻ نه ڏنو وڃي، عدالت  ڊي جي صحت کي پيش ٿي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي کي تسليم نه ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

يونيورسٽي انتظاميه عدالت کي آگاهي ڏني ته يونيورسٽي کي اسپتال کان ڌار ڪرڻ باوجود وفاقي سرڪار يونيورسٽي کي تسليم نه پئي ڪري، جنهن سبب 3 هزار کان وڌيڪ شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي.

وڪيل چيو ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جناح ڊينٽل ڪاليج کي تسليم ڪيو آهي.

عدالت يونيورسٽي انتظاميه کي ڪم جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شاگردن جو سال ضايع ٿيڻ نه ڏنو وڃي.

عدالت ڊي جي هيلٿ کي 13 جنوري تي پيش ٿي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*