ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي ڊي آءِ جي دين محمد بلوچ جي غير قانوني اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ ملوث ٻن جوابدارن احمد بلوچ ۽ رياض ميمڻ جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

atc court

ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي ڊي آءِ جي دين محمد بلوچ جي غير قانوني اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ ملوث ٻن جوابدارن احمد بلوچ ۽ رياض ميمڻ جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

احتساب عدالت ۾ نيب پاران  اڳوڻي ڊي آءِ جي دين محمد بلوچ  خلاف غير قانوني طور 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ خلاف داخل ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي.

عبوري ضمانت تي آزاد اڳوڻو ڊي آءِ جي  دين محمد بلوچ عدالت ۾ پيش ٿيو.

نيب جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته دين محمد بلوچ پوليس ۾ اي ايس آ3 طور ڀرتي ٿيو، جيڪو 2003 ۾ 20 هين گريڊ ۾ ترقي حاصل ڪرڻ بعد 17 ڪروڙ 84 لک رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪئي.

عدالت دين محمد بلوچ سان گڏ ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد احمد بلوچ ۽ رياض مصمڻ جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*