ايندڙ سال آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گڏيل طور منعقد ٿيندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي ويو

ايندڙ سال آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گڏيل طور منعقد ٿيندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي ويو آهي.

ميگا ايونٽ جي شروع ٿيڻ هڪ سو ڏينهن باقي رهيا آهن،جنهن سبب ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي ويو آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ميگا ايونٽ جي هر ميچ وڏي اهميت واري آهي.

سندس چوڻ هو ته ميگا ايونٽ جي پهرين ميچ 15 فيبروي تي روائتي حريف ڀارتي ٽِيم خلاف رٿيل آهي، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيم جي سمورن رانديگرن ڀرپور تياري ڪرڻي پوندي.

مصباح الحق جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو گهڻو پراميد آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 92 جيان هن ڀيري قومي ٽيم ميگا ايونٽ جو ٽائيٽل حاصل ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*