قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پي ٽي آءِ، پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي جي مخالفت باوجود 24 هين آئيني ترميم منظور ڪري ورتي آهي

National-Assembly-9816

قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پي ٽي آءِ، پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي جي مخالفت باوجود 24 هين آئيني ترميم منظور ڪري ورتي آهي.

24 هين آئيني ترميم بابت سپريم ڪورٽ جي ورتل پاڻمرادو نوٽيس بعد قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ پي ٽي آءِ،  پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي بل جي مخالفت ڪئي، جنهن تي زاهد حامد چيو ته اپوزيشن پهرين بل منظور ڪرائڻ جو چوي ٿي، بعد ۾ مخالفت ڪري ٿي، اسان پنهنجي مفادن لاءِ آئين ۾ ترميم نه پيا ڪيون.

بعد ۾ قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اڪثريت راءِ جي بنياد تي 24 هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*