ڀان سيدآباد ۾ مري برادري جي ماڻهن پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

bhan syedabad

ڀان سيدآباد ۾ مري برادري جي ماڻهن پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مير حسن مري، محمد بخش مري، مير گل مري ۽ الله بخش مري ۽ ٻين  جي اڳواڻيءَ ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

اڳواڻن چيو ته پوليس سندن پلاٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڌمڪائي رهي آهي، ايس ايڇ او پلاٽ تي هلندڙ اڏاوتي ڪم زبردستي روڪرائي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته پلاٽ به اسان جو ذاتي آهي جنهن جا سرڪاري ڪاغذ پڻ موجود آهن پر ايس ايڇ او ڀتو طلب ڪري رهيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليس جي نا انصافين جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*