دادو مان پوليس پاران پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري کي مبينا طور گم ڪرڻ ۽ نوجوان تي تشدد ڪرڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

dadu women

دادو  مان پوليس پاران پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري کي مبينا طور گم ڪرڻ ۽ نوجوان تي تشدد ڪرڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

رهواسين مسمات ڄامل لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته 7 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ شاهده لغاري کي  پوليس گرفتار ڪرڻ  بعد سندس معذور مڙس اقبال لغاري کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

هنن چيو ته ناري ۽ نوجوان پنهنجي مرضي سان پسند جي شادي ڪئي هئي، پر پوليس ناري کي گنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، کين خدشو آهي ته ناري کي قتل ڪيو ويندو.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليس گردي جو نوٽيس وٺي ناري کي فوري طور  آزاد ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري جي وارثن پاران اغوا واري فرياد داخل ڪرائڻ کانپوءِ ناري کي ڇاپو هڻي بازياب ڪرايو ويو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*