ڏوڪري ۾ اي سي سيپڪو لاڙڪاڻي جي مبينا ڏاڍاين خلاف واپڊا يونين جي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

dokri wapda

ڏوڪري ۾ اي سي سيپڪو لاڙڪاڻي جي مبينا ڏاڍاين خلاف واپڊا يونين جي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سيپڪو ملازمن واپڊا يونين جي چيئرمين غلام سرور جوڻيجو، اختيار سوهو، عقيل احمد سوهو، سيف الله سومرو، فاروق جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته اي سي سيپڪو لاڙڪاڻو سرڪل ۾ مزدور دشمن پاليسن تي عمل ڪندي محنت ڪش ملازمن کي جبري برطرفي ٽرمينيٽ ڪري رهيو آهي.

اڳواڻن چيو ته اي سي لاڙڪاڻو بنا ڪنهن سبب جي هن وقت تائين 10 کان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪري چڪو آهي جيڪا نا انصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته برطرف ڪيل ملازمن کي فوري طور بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪم بند ڪري احتجاج جاري رکيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*