ڪنڌڪوٽ ۾ پرائمري اسڪول ۾ استاد نه هجڻ خلاف شاگردن ۽ رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو

khnadkot

ڪنڌڪوٽ ۾ پرائمري اسڪول ۾ استاد نه هجڻ خلاف شاگردن ۽ رهواسين  احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

پرائمري اسڪول کبڙ ۾ استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف رهواسين اڪرم ممداڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين روڊ تي ڌرڻو هڻي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

مظاهرين چيو ته ضلعي اندر ڪيترائي اسڪول هن وقت به بند پيل آهن، جنهن سبب ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي.

هنن چيو ته صوبي ۾ تعليمي ايمرجنسي نافذ هئڻ باوجود استاد اسڪول نٿا اچن، جنهن ڪري ٻارڙا سڄو سڄو ڏينهن ويهي واپس هليا وڃن ٿا.

هنن مطالبو ڪيو ته گوسڙو استادن کي ڊيوٽي تان هٽائي ايمانداري سان ڊيوٽيون ڪندڙ استادن کي مقرر ڪيو وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*