لاڙڪاڻي ۾ قتل ٿي ويل نوجوان جي جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو

lrk police

لاڙڪاڻي ۾ قتل ٿي ويل نوجوان جي جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

اوٺا چوڪ جي رهواسين مسمات روبينا، نورخان خاتون  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

هنن چيو ته چيو ته 15 ڊسمبر تي  نوجوان غلام حسين جت کي  جوابدارن بي دردي سان قتل ڪيو هو. پر پوليس هيل تائين  صرف هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي.

هنن چيو ته جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پر پوليس کين تحفظ فراهم نه پئي ڪري.

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*