پاڪستان ڪروز ميزائيل بابر ٿري جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي

Missile-ISPR-9117

پاڪستان ڪروز ميزائيل بابر ٿري جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب ڪروز ميزائيل بابر ٿري 450 ڪلو ميٽر تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، وزيراعظم ۽ آرمي چيف ڪامياب ميزائيل تجربي تي قوم ۽ ٽيم کي واڌايون ڏنيون آهن.

آءِ ايس پي آر بيان جاري ڪندي چيو ته سمنڊ ۾ اڻڄاتل هنڌ ڪروز ميزائيل بابر ٿري جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو، ميزائيل کي پاڻي اندر پليٽ فارم تان لانچ ڪيو ويو هو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 450 ڪلو ميٽر تائين مار ڪندڙ بابر ٿري ميزائيل ڪاميابي سان هدف کي نشانو بڻايو، ميزائيل ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ڪروز ميزائيل بابر ٿري جي ڪامياب تجربي سان پاڪستان سيڪنڊ اسٽرائيڪ واري صلاحيت جي قابل ٿي ويو آهي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ميزائيل جي تجربي جي ڪاميابي تي ٽيم ۽ قوم کي واڌايون ڏنيون آهن.

وزيراعظم نوازشريف به ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي قوم کي واڌايون ڏيندي چيو ته ڪامياب تجربو گهٽ ۾ گهٽ دفاعي صلاحيت رکڻ جي عزم جو اظهار آهي، پاڪستان امن تي يقين رکي ٿو.

نوازشريف چيو ته ميزائيل بابر ٿري جو ڪامياب تجربو پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي جو دليل آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*