آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر وچ ۾ ملاقات بعد ٻنهي آفيسرن ميران شاهه جو دورو به ڪيو

Army-Cheaid-Bajwa---General-John-Nicholson-of-United-States-US-9117

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر وچ ۾ ملاقات بعد ٻنهي آفيسرن ميران شاهه جو دورو به ڪيو، جنرل نڪولسن دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي ڪامياب آپريشن جي واکاڻ ڪندي تسليم ڪيو ته پاڪ افغان بارڊر تي گڏيل سڪيورٽي سهڪار جي ضرورت آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته رَيزا لِيوٽ سپورٽ مِشن گڏيل سڪيورٽي مڪينزم جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

افغانستان ۾ مقرر آمريڪي فوج جي ڪمانڊر جنرل جان نڪولسن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي فوجي سربراهن ميران شاهه جو دورو به ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب ميران شاهه جي دوري دوران جنرل نڪولسن کي آپريشن ضرب عضب  ۽ آءِ ڊي پيز جي واپسي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.

آمريڪا جي فوجي جنرل جي اڳواڻي ۾ آيل وفد کي ميران شاهه بازار ۾ پاڪ فوج جي ترقياتي ڪمن جو به دورو ڪرايو ويو ۽ بريفنگ به ڏني وئي.

ان موقعي تي آمريڪي فوج جي ڪمانڊر ڪامياب آپريشن ضرب عضب جي واکاڻ ڪندي چيو ته گڏيل بارڊر سڪيورٽي ۾ سهڪار جي ضرورت آهي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪ افغان بارڊر تي گڏيل سڪيورٽي مڪينزم تي زور ڀريو ۽ چيو ته ” رَيزا لِيوٽ سپورٽ مِشن“ گڏيل سڪيورٽي مڪينزم جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

آرمي چيف افعان فورسز جي صلاحيت وڌائڻ ۾ آر ايس ايم جَي ڪردار جي واکاڻ به ڪئي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*