وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس دوران سياسي ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ اتفاق بعد وفاقي حڪومت فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ آئين ۾ ترميم لاءِ مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي

Nawb-Sharif---Amry-Cheif-Bajwa-9117

وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس دوران سياسي ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ اتفاق بعد وفاقي حڪومت فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ آئين ۾ ترميم لاءِ مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي، اجلاس دوران دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف عدم برداشت واري پاليسي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

وزيراعظم نوازشريف جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري آپريشن ضرب عضب سميت ملڪ جي مجموعي سڪيورٽي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس دوران فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ تي اتفاق ڪندي چيو ويو ته پارلياماني جماعتن سان فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويندو.

اجلاس بابت وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي سرڪار فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ آئيني ترميم جي حوالي سان مشاورتي عمل شروع ڪري ڏنو آهي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته فوجي عدالتن ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي ۽ آپريشن ضرب عضب جي نتيجن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

پڌرائي موجب سياسي ۽ عسڪري قيادت جي اجلاس دوران دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف عدم برداشت واري پاليسي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي چيو ويو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ملڪ ۾ امن لاءِ ضروري آهي.

اجلاس دوران عزم ڪيو ويو ته قومي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر سطح تي ڪوششون جاري رکيون وينديون.

واضح رهي ته جنوري 2015ع ۾ سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان قائم ٿيل فوجي عدالتن ٻن سالن جو مدو پورو ٿيڻ بعد 7 جنوري تي ڪم بند ڪري ڇڏيو هو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*