ترڪي جي سرحد وٽ انساني اسمگلرز هٿان وڌيڪ 4 پاڪستاني شهري يرغمال هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

turkey-Kidneping-9117

ترڪي جي سرحد وٽ انساني اسمگلرز هٿان وڌيڪ 4 پاڪستاني شهري يرغمال هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. مغوين مان 3 سراءِ عالمگير جا رهواسي آهن ۽ هڪ منڊي بهاءُ الدين جو نوجوان آهي.

مغوي پاڪستانين جي وارثن جو چوڻ آهي ته هو هيل تائين انساني اسمگلرز ڏانهن 80 لک رپيا اماڻي چڪا آهن، پر اسمگلرز پاران وڌيڪ رقم اماڻڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. اغوا ڪندڙن پاران رقم جي اوڳاڙي لاءِ مغوين تي تشدد واريون وڊيوز ٺاهي وارثن ڏانهن اماڻيون پيون وڃن.

ايف آءِ اي جي ذريعن موجب پاڪستان ۾ انساني اسمگلرز جو ٽولو شهرين کي يورپ اماڻڻ جا ڏٽا ڏئي هنن کان ڳريون رقمون اوڳاڙي ٿو ۽ بعد ۾ پاڪستاني شهرين کي افغان هٿياربندن جي حوالي ڪري ٿو، جيڪي ترڪ سرحد ويجهو شهرين کي اغوا ڪري ڀنگ جو مطالبو ڪن ٿا.

ترڪ اختيارين پاران ڪجهه ڏينهن اڳ استنبول ويجهو هڪ ڪارروائي دوران 6 پاڪستاني مغوي شهرين کي بازياب ڪرايو ويو هو. بازياب ڪرايل شهرين جو تعلق گوجرانوالا، مردان ۽ پشاور سان هو.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پاڪستاني شهرين کي اغوا ڪرائيندڙ انساني اسمگلرز خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي چڪو آهي ۽ ايف آءِ اي هيل تائين ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري چڪي آهي.

سراءِ عالمگير جي عبدالقدوس، عمران، شاني ۽ منڊي بهاءُ الدين جي نوجوان کي انساني اسمگلرز اٽلي اماڻڻ جو ڏٽو ڏئي ڳريون رقمون اوڳاڙڻ کانپوءِ افغان هٿياربندن جي حوالي ڪيو هو، جيڪي کين ترڪ سرحد وٽ يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*