سڪيورٽي فورسز اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو 4 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا

اسلام آباد ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، ڳجهن ادارن کنا واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

سڪيورٽي ذريعن موجب، پوليس ۽ ڳجهن ادارن جي اهلڪارن کنا ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪري 4 دهشتگردن کي گرفتاري ڪيو.

سڪيورٽي ذريعن موجب، گرفتار دهشتگردن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ دهشتگردي جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا.

سڪيورٽي ذريعن موجب، گرفتار دهشتگردن وٽان ڳرا هٿيار ۽ مذهبي لٽريچر به هٿ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*