وڏي وزير سميت ڪنهن به وزير جي ڪم ۾ مداخلت ناهيان ڪندي فريال ٽالپر

پيپلزپارٽي جي ايم اين اي فريال ٽالپر چيو آهي ته هوءُ وڏي وزير سميت ڪنهن به وزير جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪندي آهي، جيڪڏهن ڪو وزير کيس معاملي کي ڏسڻ جو چوندو آهي ته هوءُ رڳو پل جو ڪردار ادا ڪندي آهي.

پ پ  ايم اين اي فريال ٽالپر لاڙڪاڻي پهچي ڊرينيج جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ ارب 12 ڪروڙ رپين جي ماليت جي منصوبي جو بنياد رکيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فريال ٽالپر چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سان  ساڻس ڪي به اختلاف نه آهن، بلاول سندس رت ۽ اولاد آهي، پ پ  مخالف هميشه هوا ۾ ڳالهيون اُڏائيندا رهندا آهن.

فريال ٽالپر چيو ته هوءُ وڏي وزير قائم علي شاهه سميت ڪنهن به وزير جي ڪم ۾ مداخلت ناهي ڪندي، کيس جيڪڏهن ڪو وزير معاملي کي ڏسڻ جو چوندو آهي ته هوءُ پل جو ڪردار ادا ڪندي آهي.

هُن چيو ته پئٽرول جو اوچتي بحران بابت کيس ڪا خبر ناهي، بحران بابت سنڌ اسيمبلي ۾ اجلاس رٿيل آهي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي پنهنجو موقف پيش ڪندي.

فريال ٽالپر وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ڪڏهن به حوصلا شڪني ناهي ڪئي، هميشه سندس حوصلا افزائي ڪئي آهي.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سان ساڻس ڪي به اختلاف نه آهن، جنهن بابت بلاول مختلف وقتن ۾ پنهنجو موقف پيش ڪري چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*