پيٽرول بحران عوام کي دربدر ڪري ڇڏيوآهي آفتاب احمد شيرپائو

قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب احمد شيرپائو چيو آهي ته پشاور سانحي جي شهيدن جا وارث اڃا به قاتلن بابت پُڇي رهيا آهن، عوام حڪومت جي روئيي کان مڪمل طور مايوس آهي، ڪوبه وزير وزيراعظم سان نٿو ملي سگهي، نئين افغانستان قيات هر سطح تي پاڪستان سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿي،

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آفتاب شيرپائو چيو ته فاٽا جي حقن لاءِ ڪجهه اهم فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، آپريشن ختم ٿيڻ کانپوءِ آءِ ڊي پيز جي بحالي ۽ انهن جي ٿيلن نقصانن جي ازالي لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.

هن چيو ته پيٽرول بحران عوام کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي، پيٽرول بحران رڳو آفيسرن جي معطلي سان حل نه ٿيندو، جنهن لاءِ اهم فيصلا ڪرڻا پوندا.

آفتاب شيرپائو چيو ته هر ڏوهه افغان مهاجرين تي مڙهڻ ناانصافي آهي، 2015 تائين پرامن طور افغان مهاجرين جي واپسي هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي.

قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شيرپائو جو اهو به چوڻ هو ته عوام حڪومتي روئيي کان مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، ڪوبه وزير وزيراعظم سان ملاقات نه ٿو ڪري سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*