صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته جلد ايم ڪيو ايم جا ايم اين اي ۽ ايم پي ايز پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويندا

manzoor wasan khi

صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته جلد ايم ڪيو ايم جا ايم اين اي ۽ ايم پي ايز پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويندا، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار هلندڙ سال ئي گهر هليو ويندو، بلاول ڀٽو زرداري جي ڪنوار جي ڳولا جاري آهي، عمران خان جون ٽي شاديون ناڪام ٿيون پر بلاول هڪ ئي شادي ڪندو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار هن سال ئي گهر هليو ويندو ۽ نئون گهرو وزير عهدو سنڀاليندو.

منظور وساڻ چيو ته ايم ڪيو ايم جا اهم اڳواڻ، ايم اين اي ۽ ايم پي ايز پ پ ۾ شامل ٿي ويندا، جن جا نالا بعد ۾ ٻڌائيندس، مشرف جي جوڙيل پيٽرياٽ جا اڳواڻ پ پ ۾ واپس اچي رهيا آهن.

  هن چيو ته پاناما ڪيس جي فيصلي سان نه ڪير ويندو ۽ نه وري ڪير ايندو، پر پاناما ڪيس حڪمرانن جو پيڇو به نه ڇڏيندو.

 نبيل گبول بابت سوال جي جواب ۾ منظور وساڻ چيو ته نبيل گبول پاڻ هڪ خواب آهي ان تي هو ڪهڙو تبصرو ڪري….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*