سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن کي پگهارون ۽ پينشنرن کي پينشن جاري ڪرڻ جو حڪم

sindh-high-court

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن کي پگهارون ۽ پينشنرن کي پينشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ميئر ارسلان شيخ کي 2 فيبروري تائين پگهارن واري معاملي جي مستقل حل بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف داخل درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سکر جو ميئر ارسلان شيخ ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا.

درخواستگذارن پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون ۽ پينشنرن کي پينشن جاري نه پئي ڪئي وڃي، جنهن سبب هــُو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

عدالت اهڙي درخواست تي ڪمشنر سکر کي ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن جاري ڪري ٻه فيبروري تائين معاملي جو مستقل حل ڪڍي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*